لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس ڪنهن سياسي اثر رسوخ کي خاطر ۾ نه آڻي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، عوا?? جي مسئلن جي حل لاءِ صرف ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب پوليس ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آءِ جي پنجاب انعام غني وزيراعظم کي پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته عوام ج?? جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، هن چيو ته عوا?? جي مسئلن جي حل ۾ صرف ميرٽ تي عملداري ڪئي وڃي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ماضي ۾ پوليس ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون جنهن جو نقصان م??ڻهن کي کڻڻو پيو، هن چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون ن?? آهي، پوليس ڪنهن سياسي اثر رسوخ کي ليکي ۾ نه آڻي. ماڻهو توهان م??ن تڏهن م??ئمن ٿيندا جڏهن توهان سڀني سان هڪجهڙو ۽ قانون موجب سلوڪ ڪندا.