اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ زراعت جي شعبي جي حوالي سا?? اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي پائيدار ترقي واري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تعاون سا?? ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو وي?? ته ڊيش بورڊ کي فني طور تي مڪمل ڪري فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته ڊيش بورڊ جي مدد سا?? فيصلا سازي لاءِ گهربل ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ کي صوبن جي مدد سا?? يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي لاءِ صوبن جي لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو وي?? ته ڊيٽا حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذريعن کان يقيني بڻائڻ سا?? گڏوگڏ ڊيش بورڊ ۾ کنڊ ?? ڪڻڪ کانسواءِ گهٽ مدي واري جنسن جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستيابي جي نگراني به ڪئي ويندي.