اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبي فراش ٽائون اپارٽمنٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رک?? ڇڏيو آ??ي. اهو منصوبو ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار سان ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??نصوبي ۾ جديد سهولتن سان آراسته 3960 فليٽس ٺاهيا ويندا، جيڪي ??هواسين کي سستي رهائشي فراهم ڪندا. 84 ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب ??چولي طبقي ۽ ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ خصوصي طور تي فليٽس مختص ڪيا ويا آهن، منصوبي جي ماحولياتي رخ کي نظر ۾ رکندي گرين بيلٽس ۽ پارڪس جي قيام کي به خصوصي ڌيان ڏنو ويو آ??ي، وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به لڳايو.