مري – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ??ه پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن سڄي ملڪ جي ڇوڪرين کي بهترين تربيت فراهم ڪري کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ ??اء?? قدم کڻي رهي ??هي، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ??ان گڏوگڏ انهن جي ڪردار سازي به ضروري آهي، صحتمند ۽ تربيت يافته ??ور?? نه رڳو گهر پر ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نيشنل سمر ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪامياب سمر ڪيمپ جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ڪيمپ ۾ شريڪ شاگردن جي عزم ۽ روشن چهرو پاڪستان جي باني جي ان خواب جي تعبير آهي ??يڪا هن قيام پاڪستان ??اء?? ڏٺو هو، گرلز گائيڊ کي ان ڪيمپ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ هڪٻئي کان سکڻ جو موقعو مليو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي عالمي ميمبرن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي?? ان تاريخ جو حصو بڻجڻ جو مقصد معاشري جي ??ور??ن جي تعميري ڪردار کي فروغ ڏيڻ آهي. اها تحريڪ ??ور??ن ۽ ڇوڪرين کي شهري جي حيثيت ??ان انهن جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ ??اء?? پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. انهن جي هنرمندي، تعليم سميت ٻين شعبن ۾ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ نکارڻ جو موقعو ملندو آهي?? انهن جي جسماني صحت ۽ تندرستي سان گڏوگڏ انهن جي اندر اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي اها تحريڪ نوجوان ڇوڪرين کي صحتمند ۽ فعال رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي ??هي، اها تحريڪ ڇوڪرين کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ سماجي براين کي روڪٿام جي حوالي سان تربيت فراهم ڪندي آهي.