اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۽ ڪيوب?? جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي ش??بن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ متنوع ثقافتي ورثو موجود آهي جنهن جي ڪيوب?? جي عوام سان مٽاسٽا ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ڪيوب?? جي سفير زينيئر جيويئر ڪيرو گونزيلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته جوائنٽ پروڊڪشنز جي ش??بن ۾ تعاون سان اسان کي هڪ ٻئي جي قدرن ۽ معاشرتي اصولن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن ميڊيا، اطلاعات ۽ ڪميونيڪشن جي ش??بن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيوب?? جي سفير کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ Latin Press of Cuba جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽ?? جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي. هن ??يو ته ثقافت ۽ ميڊي?? جي ش??بن ۾ تعاون سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. هن ??يو ته ٻئي ملڪ ه?? ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪيوب?? جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ م ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ڪيوب?? جي سفير ڪيوب?? جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير جي تجويز کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف گڏيل قدرن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ جعلي خبرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.