اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن مخصوص گروپ جي حمايت نه ڪري رهيو آهي، موجوده حالتن ۾ افغانستان ۾ سياسي مفاهمت مشڪل نظر اچي رهي آهي، افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت ٺهندي پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪندو، افغانستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ افغانستان کانپوءِ ٻيو سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان ??وندو، واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ??وجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، نٿا چاهيون ته اسان جي سرزمين افغانستان ۾ حملن جي لاءِ استعمال ٿئي، افغان حڪومت هر طرح جي حڪومتي ۽ انتظامي خرابين جو الزام پاڪستان تي لڳائي رهي آهي، آمريڪا جي ڪوشش رهي آهي ته طالبان ۽ افغان حڪومت ڪنهن معاهدي تي پهچي وڃن، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار غير ملڪي ميڊيا جي نمائندن سان ڳ??لهائيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي اميد هئي ته افغانستان جو مسئلي جو ڪو سياسي حل نڪري ايندو پر هن وقت اهڙو مشڪل نظر اچي رهيو آهي، اهو مشڪل ان ??اءِ آهي ته ڇو ته طالبان انڪار ڪري رهيا آهن، طالبان جي سينئر قيادت پاڪستان آئي هئي ۽ اسان کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن سياسي حل طرف اڳتي وڌن. هن چيو ته سياسي حل ئي افغانستان کي انتشار طرف وڃڻ کان روڪي سگهي ٿو، بدقسمتي سان جڏهن طالبان ??تي آيا هنن اشرف غني سان ڳ??لهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن جي شرط اها آهي ته جيستائين اشرف غني اقتدار ۾ آهي هو افغان حڪو??ت سان ڳ??لهيون نه ڪندا، وزيراعظم چيو ته 2019ع ۾ جڏهن پاڪستان طالبان کي آمريڪا سان ڳ??لهين تي راضي ڪيو هو ته مون تجويز پيش ڪئي هئي ته چونڊن کان اڳ اتي هڪ عبوري حڪومت هجڻ گهربي هئي ته جيئن چونڊن ۾ سڀئي ڌريون شامل ٿين، افغان حڪومت عبوري حڪومت جي خيال کي تنقيد جو نشانو بڻايو، هنن چونڊون ڪرايون ۽ صدر اشرف غني چونڊجي ويو، هن چيو ته جڏهن اشرف غني صدر چونڊجي ويو ۽ طالبان ان عمل ۾ شريڪ نه ٿيا، اشرف غني ضد ڪيو ته طالبان ساڻس ڳالهيون ڪن ۽ طالبان ??ه کيس ۽ نه ئي چونڊن کي تسليم ڪيو، طالبان افغان حڪو??ت سان ڳ??لهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ان ??سئلي جنم ورتو ۽ اهو مسئلو هاڻي به جيئن جو تئين موجود آهي، وزيراعظم چيو ته افغان حڪو??ت سمجهي ٿي ته اسان ??ٽ ڪا جادوئي طاقت آهي ته اسان جيئن چاهينداسين ان تي طالبان کي راضي ڪري وٺنداسي??، جڏهن آمريڪين پنهنجا فوجي واپس موڪلڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري جڏهن هنن نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته ان کانپوءِ طالبان تي اسان جو اثر رسوخ انتهائي گهٽ ٿي ويو ڇو ته طالبان سمجهيو ته هنن جنگ کٽي ورتي آهي، هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته افغانستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ افغانستان کانپوءِ ٻيو سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان ??وندو. اسان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿينداسين، پهريون سبب اهو آهي ته افغانستان کان ??ڌيڪ پختون پاڪستان ۾ آهن، طالبان بنيادي طور تي پختونن جي تحريڪ آهي ۽ ان جا اثر پاڪستاني علائقن ۾ ايندا. 2003ع ۽ 2004ع کانپوءِ ائين ٿي چڪو آهي اسان ??نهنجي پختون علائقن ۾ افغانستان جي صورتحال جي نتيجي ۾ رد عمل آيو ۽ پاڪستان کي 70 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو ڇو ته اسان آمريڪا جي حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ان ڳ??لهه جو امڪان آهي ته اسان جي پختون علائقن ۾ وري مسئلا پيدا ٿيندا، ستر هزار جانين ۽ معيشت کي 100 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ جي نقصان سان گڏوگڏ اسان جي قبائلي علائقن مان 30 لک ماڻهن کي پنهنجي گهرن کي ڇڏڻو پيو، اها پهرين پريشاني آهي، ٻي پريشاني پناهگيرن جي آهي، اسان ??ٽ هتي پهرين ئي 30 لک رجسٽرڊ افغان ??ناهگير موجود آهن، اسان جي معيشت درست رخ ۾ گامزن آهي ۽ اسان ايئن هرگز نه چاهينداسين ته وڌيڪ پناهگير پاڪستان اچن ۽ ٽئين ڳ??لهه اها آهي ته اسان افغانستان جي ??ست?? وچ ايشيا سان رابطن جا عظيم منصوبا ٺاهيا آهن، وزيراعظم چيو ته ازبڪستان کان افغانستان ۾ مزار شريف جي ??ست?? پاڪستان ريلوي لائن منصوبي جي سلسلي ۾ تازو ئي تاشقند ويو هو جيڪو ان ??وري خطي کي پاڻ ۾ ملائيندو، افغانستان ۾ خانه جنگي جي صورت ۾ وچ ايشيا سان رابطن تي ٻڌل اسان جي معاشي ايجنڊا پوئتي هلي ويندي. هن چيو ته پاڪستان افغان عوام پاران ??امزد يا چونڊيل ڪنهن به حڪو??ت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افعان عوام جنهن حڪومت کي به پنهنجو نمائندو سمجهندي پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول جي حوالي سان ??ڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته طالبان جي ڪنٽرول جو دارومدار ان جي نوعيت تي آهي، جيڪڏهن طالبان جي ڪنٽرول ۾ سڀئي ڌريون شامل هجن ته اهو افغانستان جي لاءِ بهترين آپشن آهي، جيڪڏهن اها سڀني جي نمائنده حڪومت آهي پر جيڪڏهن اها ڪنهن هڪ ڌر جي حڪومت آهي ۽ سڄي افغانستان ۾ جنگ ٿي رهي هجي ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن طالبان ??وجي قبضي جي نتيجي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري وٺن ٿا ته ان ??ان ??راد ڊگهي خانه جنگي آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا هن وقت پهرين ترجيح افغانستان ۾ جنگ بندي هجڻ گهرجي ڇو ته شهري متاثر ٿي رهيا آهن، اها صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي جيڪڏهن جنگ جاري رهي ٿي ۽ وڏن شهرن ۾ پکڙجي وڃي ٿي، جنگ جو وڏن شهرن ۾ پکڙجڻ سان ??ڏي تعداد ۾ فوتگين جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته هر قيمت تي جنگ بند ٿيڻ گهرجي ۽ دوحه ڳالهين جو پيش نظر به اهو ئي آهي، آئون ڪنهن فوجي حل جو حامي نه آهيان، هڪ سياستدان جي طور تي اهو سمجهان ??و ته اسان کي سدائين سياسي حل ئي کي ڳولڻ گهرجي.