دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خط?? جي مفاد ۾ آهي، افغ??نس??ان ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي موجود هجي، افغ??نس??ان جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياد??اش??ن تي صحيحن کانپوءِ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪستان جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تاجڪستان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تاجڪستان جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ تع??ون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغ??نس??ان جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خط?? لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته افغان عوام 40 سالن کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان کي امن جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم چيو ته افغ??نس??ان جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغ??نس??ان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغ??نس??ان ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته افغ??نس??ان ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي ممڪن آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي ياد??اش??ن تي صحيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جڏهن ته صدر امام علي رحمانوف تاجڪساتن جي طرفان مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياد??اش??ن تي صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي تع??ون ۽ ٻٽي ٽيڪسن کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ تع??ون جي فروغ لاءِ مفاهمتي ياد??اش??ن تي صحيحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي ياد??اش??ن تي صحيحون ڪيون ويون، مختلف شعبن ۾ مفاهمتي ياد??اش??ن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تع??ون کي فروغ حاصل ٿيندو.