اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جي ??يئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام پارليامينٽ ۽ حڪومت سعودي عرب جي عوام جي خو??ين ۾ شريڪ آهي، قومي ڏينهن ڪنهن به ملڪ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ هوندو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٻطرفا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، سينيٽ جي ??يئرمين چيو ته گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي هڪجهڙائي پاڪستان ۽ سعودي عرب کي هڪٻئي جي ويجهو رکيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب ترقي ۽ خو??حالي جو گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ ٻطرفي تعاون ??ي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خو??هشمند آهن. سينيٽ جي ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خو??حالي ۽ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيان. اعليٰ سطح تي وفد جي مٽاسٽا سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، سينيٽ جي ??يئرمين سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب جي ??ائرن جي خو??ين ۾ شريڪ آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ جي ??يئرمين چيو ته مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي کانسواءِ امن ۽ خو??حالي لاءِ گڏيل بصيرت، ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏئي ٿي.