اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي جاپان جي پنهنجي هم منصب توشي مٽسو موتيجي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت ??ڏي?? د??چس??ي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي سياسي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جاپان کي هڪ ترقياتي حوالي سان اعتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه کي پرجوش انداز ملهائڻ جو ارادو رکون ٿا، پرڏيهي وزير پاڪ جاپان ??ڏي?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ??ڏي?? د??چس??ي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ ??ڏي?? ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي جاپاني هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چ??و ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ض??وري آهي ته عالمي برادري افغانستان جي مدد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جاپاني هم منصب کي پيش ڪيو.