اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڪوويڊ 19 جي ويڪسي?? جي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ سهولت جي قدم?? جي ضرورت آهي، غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي کي روڪڻو پوندو، مني لانڊرنگ جي نتيجي ۾ غريب ملڪن ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ جا هدف حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، ان حوالي سان آگھاهي پيدا ??ري اسرندڙ ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار 15 هين يونائيٽيڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ (يو اين سي ٽي اي ڊي) جي ورلڊ ليڊرز جي ٽئين مذا??ري کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ جي مذا??ري ۾ چئن اهم مسئلن تي ڳالهه ڪندس جن مان سڀ کان بنيادي ۽ اهم مسئلو ڪوويڊ ويڪسي?? جي اڻبرابر ورڇ آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪ?? جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ۽ امير ملڪن ۾ ويڪسين لڳائڻ جي شرح ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ان لاءِ عالمي برادري کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪ?? جي وچ ۾ ڪوويڊ ويڪسي?? جي اڻبرابر ورڇ کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ??ري لاڪ ڊائو?? جي نتيجي ۾ اسرندڙ ۽ غريب قوم?? جي معاشي ترقي بري طرح متاثر ٿي ان لاءِ ڪوويڊ 19 جي مسئل?? جي مڪمل خاتمي تائين قرض?? جي ادائيگي ۾ سهولت ڏني وڃي. هن چيو ته مون ان حوالي سان عالمي سطح تي هڪ مهم به هلائي ته جيئن امير ملڪ اسرندڙ ملڪ?? جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي انهن کي قرضن ۾ سهولت فراهم ڪن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽيون اهم مسئلو موسمياتي تبديليون آهي جنه?? جي ??ري پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ بري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. موسمياتي تبديلي?? جي ??ري گليشيئرز جي پگهڙڻ جي شرح ۾ خوفناڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻي ??ي لاءِ گليشيئرز تي ئي دارومدار ڪيو وڃي ٿو ۽ ا?? جي پگهڙڻ جي شرح ۾ اضافي سان پاڻي وسيلن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته امير ملڪ ڪلائميٽ فنانس جي شرح اضافو ڪن ته جيئن موسمياتي تبديلي?? جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته انهن ملڪ?? جي خصوصي مدد ??ري جتي ڪاربن جو خارج گهٽ هجي. وزيراعظم عمران خان يو اين سي ٽي اي ڊي جي مذا??ري ۾ شامل عالمي اڳواڻن کي چيو ته منهنجي موجب چوٿون اهم مسئلو غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي آهي جنهن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته اسرندڙ ۽ غريب ملڪن مان حڪمران اشرافيه اٽڪل 7 کرب ڊالر ڦري امير ملڪن ۾ منتقل ڪيا آهن ۽ هر سال اٽڪل هڪ کرب ڊالر منتقل ڪيا پيا وڃ?? جيڪي اسرندڙ ملڪ?? جي بدعنوان اشرافيه ??ري ٿي. هن چيو ته ان سان هڪ تباهي آڻيندڙ صورتحال جنم وٺي رهي آهي ۽ غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي جو بحران سخت ٿيندو پيو وڃي جيڪو ايندڙ سالن دوران وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته اسان کي مني لانڊرنگ کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي سان امير ملڪن کي جيڪي قدم کڻڻ گهرجن ها بدقسمتي سان نه پيا کنيا وڃن جنه?? جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪ?? جي غريب عوام پيڙهجي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن ملڪ مان پئسو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪيو وڃي ٿو ته ان سان مقامي ڪرنسي جو قدر گهٽ ٿئي ٿو ۽ ناڻي واڌ جي ??ري غربت جي شرح وڌڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو بک سان مري وڃن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن مني لانڊرنگ جو تسلسل جاري رهيو ته دنيا جا ڪجهه امير ملڪ پوري دنيا جي دولت پاڻ وٽ گڏ ??ري وٺندا. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان ناانصافي کي روڪيو وڃي ڇو ته ان سان امير ۽ غريب ملڪن ۾ خال وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ جي تدارڪ جي حوالي سان آگاهي پيدا ??ري اسرندڙ ۽ غريب ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي.