اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پيٽ??ول تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو بدران ٻڙي ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ع??لمي سطح تي 100 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان اضافي جي باوجود حڪومت عوامي ريليف جي لاءِ سوين ارب رپين جي ٽيڪس آمدني جو نقصان ڪيو. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ عالمي قيمتون گهٽ ٿيڻ جي باوجود پيٽ??ول تي وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪندي هئي.