اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن سان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دني?? جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، ڪجهه ملڪن ۽ گروپس پنهنجي مخالفن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، گڏيل قومن کي ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد روڪڻ جي لاءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ گ??رج??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جي سفير ڪرسٽوف ال ڪاسيس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ويٽيڪن سٽي کي هڪ ٻئي جي ثقافتي ۽ ??ذه??ي قدرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ رابطي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي کوٽ هئي پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، خبرون تيزي سان پکڙجن ٿيون، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دني?? جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومتون مرڪزي ڌار?? جي ميديا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون پر ڪالعدم تنظيمن پاران سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بين ال??ذاهب همن آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سک ??ذه?? جي باني بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن. قومي ٽي وي چينل تي بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ تعليم تي خاص پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. ويٽيڪن سٽي جي سفير دنيا ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف ??ذه??ن جي پيروڪارن جي وچ ۾ ??ذه??ي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته هولي سي (ويٽيڪن سٽي) پاڪستان ۾ مقامي چرچن سان تعاون چاهي ٿو.