اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته عام ماڻهو ۽ گهٽ آمدني واري پگهاردار طبقي کي پهريون ڀيرو پنهنجو گهر ٺاهڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آه??ون ۽ اهو هڪ تاريخي لمحو آه??، تعميراتي شعبي جي فروغ سان اسان جي معيشت گهڻي بهتر ٿيندي ۽ پگهاردار طبقي جو پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيندو، ٻاهرين ??لڪ رهندڙ پاڪستاني محنت ڪري پئسو جمع ڪندا آه?? انهن جي به خواهش اها ئي هوندي آه?? ته هو پنهنجو گهر ٺاهي سگهن، ملڪ ۾ اشرافيه جي سوچ رکندڙ ملڪ کي ??ما?? گهڻو نقصان پهچايو، 22 ڪروڙ جي پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط هجڻ گهربو هو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ”منهنجو پاڪستان منهنجو گهر هائوسنگ قرضه اسڪيم“ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اس??يٽ بئنڪ جو گورنر ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ??بارڪباد جا مستحق آه?? جنهن جي محنت سان عام ماڻهو ۽ پگهاردار طبقي کي پنهنجي گهر جي سهولت لاءِ آسان قرضن جي فراهمي کي ممڪن بڻايو ويو آه??. وزيراعظم چيو ته جهڙوڪ ناڻي واري صلاحڪار ٻڌايو ته ان حوالي سان 1990ع کان قانوني رڪاوٽون هيون، اهو ڪم ??ما?? گهڻو پهرين ??يڻ گهربو هو، وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون ڪرڪيٽ کيڏندو هئس ته ٻاهرين ??لڪ پاڪستانين سان رابطو رهندو هو، انهن جي خواهش صرف اها هوندي هئي ته هو پنهنجو ايترو پئسو ڪمائي وٺن ته جيئن ملڪ ۾ پنهنجو گهر ٺاهي سگهن، ماضي ۾ حڪومتون ان طرف ڌيان نه ڏنو، ٻاهرين ??لڪن ۾ پگهاردار طبقي کي اتي جون حڪومتون قرض جي سهولت ڏينديون آه??. وزيراعظم چيو ته حڪومتن ۽ فيصلا سازن ان باري ۾ ناهي سوچيو ۽ ملڪ ۾ اشرافيه جي سوچ رکندڙن ملڪ کي ??ما?? گهڻو نقصان پهچايو جنهن جي ڪري ملڪ ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو ويو ۽ اشرافيه باهرين ??لڪ پئسو ٺاهيو، سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ٿيندو هو پر آهستي آهستي نجي اسپتالن جي ڀرمار سان سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب ٿي وئي ڇو ته اشرافيه ان طرف ڌيان نه ڏنو ڇو ته هو علاج ئي ٻاهرين ??لڪ مان ڪرائيندي هئي، وزيراعظم عمران خان چين جي ترقي جي مثال ڏيندي چيو ته چين ۾ هيٺين طبقي کان مٿئين طرف ترقي ٿي، پاڪستان ۾ بي پناهه صلاحيت آه?? پر بدقسمتي سان ڪمزور طبقن کي اهميت نه ڏني وئي، مون کي خوشي آه?? ته عام ماڻهو ۽ پگهاردار طبقي کي پهريون ڀيرو گهر ٺاهڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آه??ون، هن چيو ته ان کان اڳ بئنڪن ۾ اهڙو نظام ئي نه هو جنهن سان عام ماڻهو پهچ حاصل ڪري سگهي پر هاڻي بئنڪن پنهنجي نظام ۾ بهتري آندي آه?? جنهن جي ڪري 6 مهينن جي عرصي ۾ قرض ملڻ شروع ٿي ويا آه??، وزيراعظم بئنڪن تي زور ڏنو ته هو وڌيڪ مارڪيٽنگ ڪن ۽ پنهنجي نظام کي عام ماڻهو جي پهچ لاءِ بهتر بڻائين، ايندڙ ڏينهن ۾ ??ما?? وڏي تبديلي اچڻ واري آه?? جنهن سان هڪ طرف ڪمزور طبقي کي گهر ميسر ايندو ۽ تعميراتي شعبي جي فروغ سان اسان جي معيشت تيزي سان اڳتي وڌندي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان قرض حاصل ڪندڙ ماڻهن کي گهرن جون چاٻيون ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بئنڪن جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن ۾ سندون ورهايون. تقريب کي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اس??يٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين انور علي حيدر به خطاب ڪيو. ا