اسلام آباد ??? 08 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي ??حفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سڄي رات آپريشن جاري رهيو پر ان باوجود 16 ??ان 19 ماڻهن جي گاڏين اندر موت ٿي آهي، مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، مقامي ماڻهن کي اپيل آهي ته اهي برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خوراڪ ۽ ڪمبل مهيا ڪن. مري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ضلعي انتظ??مي?? ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي نگراني ۾ سياحن کي ??حفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته گذريل پندرنهن ??ان ويهه سالن کانپوءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ برفباري جي سيزن ۾ مري ۽ گليات جو رخ ڪيو آهي ۽ سڄي رات آپريشن جاري رهڻ باوجود 16 ??ان 19 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ٻڌايو ته آپريشن دوران برفباري ۾ ڦاٿل هڪ هزار گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ شام تائين وڌيڪ هڪ هزار گاڏين کي برفباري مان ڪڍيو ويندو. هن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ۽ اسلام آباد جي ضلعي انتظ??مي?? طرفان سڄي رات آپريشن جاري رهيو ۽ اڄ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ ايف سي جي جوانن کي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي خوراڪ، گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ سان گڏو گڏ برفباري مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته شهري ٻن ڏينهن لاءِ مري جو رخ نه ڪن ڇو جو آچر جي شام تائين مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.