اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي پشاور قص?? خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ??ئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ د??من عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف گڏ آهي، دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي ترقي کان ملڪ د??من ڊنل آهن، دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. محمد صادق سنجراڻي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ پشاور قص?? خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ??ندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.