لاهور – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومتي ۽ انتظامي معاملن ۾ اختيارن جو غل?? استعمال ڪنهن به معاشري جي تباهي جو سبب هوندو آهي، حڪومت ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، قومون تڏهن ئي ترقي ڪنديون آهن جڏهن انهن جا ادارا غيرجانبدار ٿي پنهنجون ذ??يو??ريون پوريون ڪن ٿا، سسٽم جي بهتري جي لاءِ هر شخص کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بطور سول سرونٽس توهان جا دروازا ??وام جي لاءِ سدائين کليل هجڻ گهرجن ته جيئن انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، عدم برداشت جي ڪلچر کي ختم ڪري معاف ڪرڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو، حڪومت عورتن کي حق ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سول سروسز اڪيڊمي والٽن ۾ 49 ??ين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر 49 ??ين ڪامن ٽريننگ پروگرام ۾ پاس ٿيندڙ آفيسرن کي مخاطب ڪندي چيو ته آئون پاس آئوٽ ٿيندڙ سمورن آفيسرز خاص طور تي انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن توهان جي تربيت ڪئي ۽ توهان کي ان قابل بڻايو جو اڄ توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا آهيو، تعليم جي حقيقت پنهنجي جڳهه تي مڃيل آهي جيڪا ڪاميابي جي سيڙهي چڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي پر تعليم سان گڏ توهان کي حقيقي تربيت پنهنجي گهر کان ۽ انهي جڳهه تان ملي آهي، زندگي جي هر دور ۾ ماڻهو سکي ٿو ۽ سدائين سکڻ جي خواهش رهڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته توهان جو اصل امتحان عملي زندگي ۾ شروع ٿيندو جتي توهان کي ثابت قدم رهي پنهنجون ذ??يو??ريون احسن طريقي سان پوري ايمانداري سان ادا ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته عوام کي سياستدانن مان تمام گهڻيون اميدون واڳيل هونديون آهن ڇو ته اهي انهن کي چونڊين ٿا پر جيڪي پاليسيون حڪومتي نمائندا جوڙين ٿا انهن پاليسين تي عملدرآمد جي ذ??يو??ري توهان ماڻهن تي هوندي آهي.