اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهردين ملاقات ڪئي. اها ملاقات اسلامي تعاون تنظيم جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌ??دڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏيهي وزير کي م??ارڪباد ڏني. و??ير??عظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري دوري جو حوالو ڏنو ۽ دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو اطهار ڪ??و، و??ير??عظم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، و??ير??عظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي جامع طور تي بهتر بڻائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌ??دڙ رابطن کي به اجاگر ڪ??و ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، و??ير??عظم افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي م??لسل حمايت تي زور ڏنو. علائقائي خوشحالي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي و??ير??عظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. و??ير??عظم زور ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.