اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي ح??ن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته فلسطين جو تڪرار وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض ال??الڪي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جيڪو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان آيل آهي. فلسطيني پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته مسلمان امت جي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن سميت حل طلب مسئلا خطن ۾ ع??م استحڪام جي بنيادي سببن مان آهن، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو پنهنجي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي ح?? جو مطالبو ڪرڻ تي سنگين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. وزيراعظم فلسطيني عوام جي ح??ن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين جو ال??يو جيڪو پاڪستاني عوام ۽ پوري دنيا جي مسلمانن جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جو سبب آهي وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير ال??الڪي فلسطين تي پاڪستان جا اڻٿڪ حمايت ۽ اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ او آءِ سي سميت علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.