اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ سيڙپڪارن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي سيڙپڪارن ڪيري گوف جي ايم ڊي البرٽ بيري ليسي، ٽروليڪس جي ايم ڊي ٿامس البرٽ ليسي ۽ سندس وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽرن شبلي فراز ۽ سيف الله نيازي به موجود هئا. ملاقات ۾ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفد سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي دوري جي مقصدن کان آگ??هه ڪيو ۽ چيو ته پا??ست??ن ۾ ماحول سيڙپڪاري لاءِ سازگار، مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ڪاروباري ۽ معاشي رابطا عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد معيشت جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، گوادر هڪ نئين معاشي مر??ز جي حيثيت سان اڀ??ي رهيو آهي، هن چيو ته برطانوي سيڙپڪار گوادر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، پا??ست??ن جي برطانيه سان تاريخي لاڳاپا آهن، و??پاري وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. پا??ست??نين جو هڪ وڏو تعداد برطانيه ۾ آباد آهي، برطانيه ۾ رهندڙ پا??ست??ني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هل پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.