اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽيليفون ڪئي، کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي ٽيليفون ڪئي ۽ اهل ڄمون ۽ ڪشمير کي عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي عيد جي نماز جي اجتماعن تي پابندين جي مذمت ڪئي. هن ڪشميرين کي ريفرنڊم ملڻ تائين ڀرپور سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي سنڌ، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ بلوچستان جي وقتي گورنر کي پڻ عيد جي مبارڪباد ڏني. هن سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي و??ير کي ٽيليفون ڪئي. بلوچستان جي وڏي و??ير جي ٻاهرئين ملڪ دوري تي هجڻ جي ڪري وزيراعظم جي ساڻس ڳا??هه ٻولهه نه ٿي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽ?? زرداري کي فون ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽ?? وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ٽيليفون ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پڻ ٽيليفون تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي، عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دورن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مواصلات واري وفاقي و??ير مولانا اسعد محمود، محسن داوڙ، خالد مقبول صديقي، سردار اختر مينگل، علامه ساجد مير ۽ خالد مگسي سان پڻ ٽيليفون تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي، عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف محمود خان اچڪزئي، علي نواز شاهه، شاهه زين بگٽي، اسلم ڀوتاڻي، چوڌري سالڪ حسين سان پڻ ٽيليفون تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چوڌري سالڪ حسين کان چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت پڇي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.