اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان ??وبي جي علائقي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ متاثر علائقي ۾ جاري آپريشن بابت تفصيل شامل آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي باهه تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ان ??والي سان ??پورٽ طلب ڪئي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ??اري ڪيل تفصيل موجب وفاقي ۽ صوبائي کاتن تي ٻڌل ٽيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ان ??ان گڏوگڏ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات صورتحال تي نظر رکڻ جي ل??ءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زوب جي ??مشنر متاثر علائقي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم وٽ جمع رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري بلوچستان، ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري ۽ پي ڊي ايم اي جي ??ائريڪٽر جنرل متاثر علائقي جو دورو ڪيو آهي، مختلف ٽيمن جا 300 اهلڪار شير گلي، زرغون زاور، تور ڳڙهه ۽ نڪئي جي علائقن ۾ باهه وسائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. وزيراعظم جي خصوصي نمائندي ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواسع زوب ۾ هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٻارهين ڪور جي ??مانڊر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ضلعي شيراني ۾ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات جي سيڪريٽري جي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس جو عمل قيام ۾ آندو ويو آهي، ان کانسو??ءِ و??لي?? اينڊ اي??يا فائير ڪنٽرول ڪميٽين جي قيام ل??ءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته باهه جي ??هلاءُ تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ پي ڊي ايم اي باهه وسائيندڙ اوزار ۽ ريسڪيو گاڏيون فراهم ڪري رهي آهي. ان ??ان گڏوگڏ اين ڊي ايم اي پڻ ضروري اوزار فراهم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جاري آپريشن جي ل??ءِ ٻه هيلي ڪاپٽر ڏنا آهن جڏهن ته آرمي بيس ڪئمپ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو آهي.