اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??يو آهي ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين هڪ ڏينهن ۾ 57 ملين ڊالرز ملڪ موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ واري ??قم 4.5 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان ۽ وزيراعظم جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 57 ملين ڊالرز پاڪستان موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 57 ملين ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي مليا آهن ۽ اها رقم ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران هڪ ڏينهن ۾ موڪلڻ واري هن وقت تائين ??ي سڀ کان وڌيڪ رقم آهي. هڪ ڏينهن ۾ آيل ان رقم کان??وء?? روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم جو ماپو 4.5 ارب ڊالر کان ٽپي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت روشن ڊجيٽل اڪائونٽ اسڪيم جي مڪمل حمايت ۽ سرپرستي ڪري ??هي آهي، هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين ??و ٿورو ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جنهن جون دليون پاڪستان جي محبت سان ڀريل آهن، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذريعي سدائين ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. توهان سان واعدو آهي ته موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ مان نڪري ??وهان جي اميدن ۽ لاڳا??ن تي پورو لهنداسين، وزيراعظم چيو ته کيس مڪمل يقين ??هي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مستقبل ۾ به پاڪستان جي مدد انهي خلوص جي جذبي سان ڪندا رهندا، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ??ي سهولت لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، اسان توهان جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.