اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ??رڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? شهباز شريف جي هدايت تي موڪليو ويندڙ امدادي سامان خوست ۾ افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزير??عظ?? شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات روانو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪليو ويندڙ سامان ۾ تنبو، ٿُلهيُون چاڌرُون، ڪمبل ۽ د??ائ??ن شامل آهن. امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن جو قافلو غلام خان ڪالي زنگ رستي کان خوست پهچندو، جتي اهو امدادي سامان افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن امدادي سامان جي روانگي ۽ افغان عملدارن کي حوالگي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزير??عظ?? شهباز شريف افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان پاران انساني همدردي جي جذبي تحت امدادي ساامان موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.