اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اورينج لائين ميٽرو بس (فيض احمد فيض ٽرمينل ايڇ نائن کان ايئرپورٽ) جي ڀرپاسي لينڊ اسڪيپنگ مڪمل ڪري 7 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏني وڃي، ميٽرو بس جي ڪراين کي گهٽ ڪري عوام جي ??هولت لاءِ هڪ ٺوس نظام قا??م ڪيو وڃي. بهاره ڪهو با??ِ پاس تي به ڪم ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي، منصوبي ۾ شفاف طريقي سان بڊنگ يقيني بڻائي وڃي ۽ بهترين ڪمپنين کي منصوبي جي ??عمير جو ڪانٽريڪٽ ڏنو وڃي، منصوبن جي ??عمير جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قابل قبول نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ??دارت هيٺ اسلام آباد ميٽرو (اورينج لائين، بليو لائين، گرين لائين) تي اڳڀرائي ۽ اسلام آباد م جاري ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد چيما، طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل خان، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بهاره ڪهو ۾ ٽريفڪ جي مسئلن جي ڪري مقامي ماڻهن جي مشڪلاتن جو ادراڪ ضروري آهي. با??ِ پاس تان مريءَ ويندڙ سياحن جي لاءِ به آساني پيدا ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 29 ڪلوميٽر ڊگهي اورينج لائين ميٽرو بس سروس کي اين ايڇ اي اسٽيشن بدران فيض احمد فيض اسٽيشن سان جوڙيو ويو آهي، جنهن سان رش جي وقتن ۾ مسافرن جي ??عداد وڌيڪ آهي. روزانو تقريبن 18 هزار تائين پهچي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 20 ڪلوميٽر ڊگهي بليو لائين ميٽرو بس سروس (ڪورال کان پمز اسپتال) به افتتاح جي لاءِ تيار آهي، 13 اسٽيشنن تي ٻڌل اهو روٽ اسلام آباد ايڪسپريس وي جي ڀرپاسي مسافرن جي وڏي تعداد کي معيار?? ۽ ??هٽ قيمت سفري سهولتون فراهم ڪندو. اجلاس کي 15.5 ڪلوميٽر ڊگهي گرين لائين ميٽرو بس سروس جي ??والي سان ٻڌايو ويو ته بهاره ڪهو کان پمز اسپتال ميٽرو بس بهاره ڪهو کان ايندڙ مسافرن ۽ اسلام آباد کان مريءَ ويندڙ سياحن کي سهولت فراهم ڪندي، ان کانسواءِ ايئرپورٽ کان اورينج لائين ذريعي ايندڙ سياح به مريءَ جي لاءِ ٽرانسپورٽ تائين پهچڻ جي لاءِ ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. اجلاس کي بهاره ڪهو با??ِ پاس منصوبي تي پيشرفت کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم منصوبي جي ??عمير دوران ٻيلن جي ??حفظ ۽ منصوبي ۾ شفافيت کي بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ فلائي اوور وزيراعظم جي ??صوصي هدايت تي 31 جولاءِ تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته اسلام آباد ايڪسپريس وي جي ??حالي ۽ ان کي توسيع ڪرڻ جي منصوبي جو به آغاز جلد شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم منصوبن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.