ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ??وڏ جي صورتحال کي منهن ڏيندا، آخري گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، اين ايف سي ايوارڊ تحت 58 سيڪڙو وسيلا صوبن وٽ وڃن ٿا، وفاق وٽ 18 هين ترميم کانپوءِ و??يلا گهٽ هوندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره غازي خان جي ??وڏ متاثر علا??قن جي دوري دوران ڪوٽ چٺا ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون عطا تارڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب تمام گهڻو جاني ۽ م??لي نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته 2019ع ۾ اڄ جي ڏينهن ڀارت ۾ مودي سرڪار هڪطرفا غيرقانوني قدم کڻندي والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ ظلم ۽ زيادتي جو بازار گم ڪيو ۽ ڪشميرين کي جيڪي ٿورا گهڻا آئيني حق حاصل هئا انهن کي به پائمال ڪري ڇڏيو، ڀارت 70 سالن کان ڪشميرين جي انساني حقن جون جيڪي خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي ۽ م??صوم ۽ بيگناهن جو رت وهائي رهيو آهي ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو، اڄ نه رڳ پوري پاڪستاني قوم پر سڄي اسلامي دنيا ڪشمير جي انهن عظيم فرزندن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي جن ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف علم بند ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ ڪشميرين کي ڀارتي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ انهن کي آزادي جو سج ڏسڻ نصيب ٿئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ڪشميرين جي آزادي جي ??اءِ هر قسم جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي ۽ هڪ ڏينهن ڪشميرين جي آزادي جو سج ضرور اڀرندو. وزيراعظم ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته آئون مصيبت جي ??ن گهڙيءَ ۾ متاثرين کي خاطري ڪرايان ٿو ته حڪومت متاثرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته 11 – 2010ع ۾ جڏهن هن علائقي ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ ميانوالي چاچڙان شريف تائين هي سڄو علائقو سمنڊ جو منظر پيش ڪري رهيو هو ته آئون نواز شريف جي ??يادت ۾ ڏينهن رات هتي مصروف رهيس. ڊيره غازي خان، ميانوالي، بکر، رحيم يار خان ۽ راجن پور سميت سڄي علائقي ۾ اسان جي ??زيرن ۽ سيڪريٽريز ڀرپور ڪم ڪيو، تندور لڳايا ۽ عوام جي ??اءِ تنبو، ميڊيڪل ڪئمپس، دوائن ۽ چوپائي مال جي ??اءِ چاري جو انتظار ڪيو. وزيراعظم چيو ته انساني جان جي ڪا قيمت نه آهي ۽ ان جي ??قصان جو ازالو ممڪن نه آهي، وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي ??ونئيرن کي 10 لک في فرد ڏيندي جڏهن ته زخمين جي ??اءِ اڍائي لک ??نا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪچي ۽ پڪي جي ??رق کانسواءِ مڪمل تباهه ٿيندڙ گهر جو 5 لک رپيا جڏهن ته جزوي تباهه ٿيندڙ گهر جي ??اءِ اڍائي لک رپيا ??نا ويندا. هن چيو ته فصلن جي ??قصانن جي سروي صوبن سان گڏجي ڪئي ويندي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت 58 سيڪڙو وسيلا صوبن وٽ وڃن ٿا، وفاق وٽ 18 هين ترميم کانپوءِ و??يلا گهٽ هوندا آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ اربين رپين جي ??فاق جي ??نصوبن ۾ بطور وڏي وزير صوبائي حڪومت جي ??نڊز سان مڪمل ڪرايا هئا، پنجاب حڪومت سان گڏجي ??وڏ متاثرين جي ??اءِ ڪم ڪنداسين ۽ ان گڏيل چئلينج کي گڏجي ??نهن ڏينداسين، آخري گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته حقدارن کي انهن جي گهرن جي درن تي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هي سياست جو نه خدمت جو وقت آهي، متاثرين کي فصلن جو معاوضو ڏنو وڃي، ڀاڻ ۽ ٻج فراهم ڪيا ويندا ۽ گهر ٻيهر تعمير ڪيا ويندا.