مظف?? ڳڙهه – 12 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر مظف?? ڳڙهه ۾ به جشن آزادي جون تياريون عروج تي آهن، جڳهه جڳهه سبز هلالي جهنڊا ن??ر اچڻ لڳا. سڀني ٻارن ۽ وڏن 14 آگسٽ جي خريداري جي لاءِ بازارن جو رخ ڪري ڇڏيو آهي، خوبصورت اسٽالز تي ٻارن جي لاءِ چوڙيون، بيجز، هيئر ڪيچر، پونيون، هيئر بينڊ، ٽي شرٽ، ڊريسز وغيره سڀ ڪجهه ئي جشن آزادي جي نسبت سان ملي رهيا آهن، ٻارن ۽ نوجوانن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو آهي، گهرن کي سجائڻ جي لاءِ جهنڊيون ۽ ميڻ بتيون خريد ڪيون ??يو?? وڃن.