اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پر??يز اشرف ملتان ۾ جلال پور انٽر چينج ويجهو بس ۽ ٽينڪر جي ٽڪر ۾ قيمتي انساني حياتيون ??ايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي پيغام ۾ هن حادثي جي نتيجي ۾ 20 قيمتي انساني حياتيون ??ايع ٿيڻ تي متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر چيو ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.