نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اف??ان??تان ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عبوري افغان حڪومت ??ان عالمي رابطا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال اف??ان??تان پاڪستان جي ترجيح آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اف??ان??تان جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير توسيعي ٽر??ئيڪا مڪينزم سميت اف??ان??تان ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن اف??ان??تان ??ان ٻطرفي ڳالهين جي حمايت ??ان گڏوگڏ عالمي انساني امداد جي وسيع سهولت لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي. اف??ان??تان ۾ انساني همدرديءَ جي امڪانن جو حوالو ڏيندي جن بابت گڏيل قومن ۽ عالمي ايجنسين خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سرديءَ جي موسم ۾ وڌيڪ خراب ٿي وينديون، پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اهڙي طرح جي صورتحال جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي پناهگيرن جي لڏپلاڻ ٿي سگهي ٿي ۽ دهشتگردن/ انتهاپسندن کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو ۽ ان جا علائقائي ۽ عالمي اثر پوندا. اف??ان??تان جي لاءِ آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ اف??ان??تان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انخلا ۾ سهولت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين افغان عوام جي مصيبتن جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ عالمي برادري جي شموليت جي گڏيل مقصدن جي لاءِ مسلسل تعاون جي ضرورت جو اعتراف ڪيو.