اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هر مشڪل ۽ آزمائش ۾ پاڪستاني فوج جون قربا??يو?? ناقابل فرام??ش آهن. هن چيو ته حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ ۽ قوم جا محسن آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي انهن جي عظيم قربانين تي سلام پيش ڪري ٿي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.