اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن با??ت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي منڊين خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي حصيداري روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي جو حصو هوندو. اجلاس ۾ نگران وزيرا??ظم واپار واري وزارت کي ڪاروباري برادري ۽ لاجسٽڪس ڪمپنين جي لاءِ عالمي واپاري چرپر جي نظام با??ت آگاهي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مقرر آفيسرن جي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي سرگرمين با??ت آگ??هه ڪيو ويو. نگران وزيرا??ظم کي بريفنگ ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل حصيدارن سانجاري مشاورت با??ت آگ??هه ڪيو ويو. نگران وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ کي واپاري چرپر ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو وڃي. نگران وزيرا??ظم پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي موجوده 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزيرا??ظم خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي با??ت پڻ آگ??هه ڪيو ويو، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزيرا??ظم کي قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگ??هه ڪيو ويو، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزيرا??ظم جيمسٽون جي روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس جي فروغ جي لاءِ ا??يڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو.