نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظ??ار ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اء?? سي پيڪ جي مرڪزيت تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان جا گڏيل مقصد ح??صل ڪرڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظ??ار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ عوامي جمهوريه چين جي نائب صدر هان زينگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي سان ڀرپور هئي جيڪا پاڪستان چين سداب??ار اسٽريٽجڪ حصيداري جي سڃاڻپ رهي آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اء?? چين جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري علائقي ۾ جي 20 جي ڪنهن به اجلاس جي انعقاد جي چين جي سخت مخالفت عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري جي ??اء?? چين جي اصولي موقف جي عڪاسي ڪري ٿي. چيني نائب صدر هان زينگ چيو ته پاڪ چين دوستي منفرد آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جي ڪري وقت بوقت ايندڙ تبديلين جو مقابلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ويجهي پاڙيسري ۽ مضبوط ڀائر جي حيثيت سان پاڪستان چين جي پاڙيسري سفارتڪاري ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو ۽ چين پاڪستان جي بنيادي مفادن جي تحفظ ۽ پاڪستاني عوام جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اء?? پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبن تي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظ??ار ڪندي ٻنهي ڌرين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اء?? سي پيڪ جي مرڪزيت تي اتفاق ڪيو ۽ ان جا گڏيل مقصد ح??صل ڪرڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظ??ار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن تي پڻ اطمينان جو اظ??ار ڪيو. هن گهڻ رخي فورمز تي پنهنجي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چيني نائب صدر هان زينگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي رفتار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم چيني نائب صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.