تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري ??هيو آهي. سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ نگران وزيراعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو. هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن جي فروغ، ٽرانس??ور?? ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اي سي او جي لنگهن تي ٻڌل حڪمت عملي علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ اهم آهي. ٽرانزٽ ٽرانس??ور?? فريم ورڪ ايگريمنٽ (ٽي ٽي ايف اي) ۽ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ۽ روڊ ڪوريڊور جهڙن منصوبن سان ??ور?? خطي جي اقتصادي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري ??ي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطين مسئلي کي ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم وڌندڙ عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو ??وبيا تي عالمي برادري ??و ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته ??ڏي?? احترام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن ??ڏي?? بقاءَ کي فروغ ڏيندي اسلامو ??وبيا جي اضافي جي خلاف سي??سي ۽ قانوني مزاحمت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.