تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، هو آذربائيجان جي صدر ا??هام عليوف سان ملاقات، اي سي او جي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم آذربائيجان جي صدر ا??هام عليوف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم اي سي او جي سورهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو، ان کانسواءِ نگران وزيراعظم اي سي او ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم جي اڄ ازبڪستان جي تاريخي شهر ثمرقند روانگي پڻ متوقع آهي جتي هو حضرت اما?? بخاري جي مزار تي حاضري ڀريندو.