برسلز – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پار??ن جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار برسلز ۾ سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪست??ن جو اهم حصيدار اهي، ان ڏس ۾ يورپي يونين پار??ن جي ايس پي پلس جو تسلسل انتهائي خوش آئنده آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان قدم سان يورپي يونين سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪست??ن جي سفير آمنه بلوچ ۽ سفارتي عملي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي شاندار آجيان ڪئي. نگران پرڏيهي وزير قونصلر سيڪشن سميت سفارتخاني جي مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير سفارتخاني ۾ رکيل ”وزيٽر بُڪ“ ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.