اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي?? قومي فضائي ڪمپني جي نجڪاري پڻ نجڪاري جي فهرست ۾ شامل آهي. سينيٽ ۾ پي آءِ اي جي صورتحال بابت سينيٽر ڪامران ??رتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي آءِ اي جي صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي?? اڳوڻي حڪومت جي د??ر ۾ به نجڪاري جو هڪ منصوبو ڏنو ويو نگران حڪومت ان تي عمل ڪري رهي آهي، پي آءِ اي ۾ ملازمن جو وڌيڪ انگ ۽ ڀرتين جو معاملو پڻ رڳو ڪنهن هڪ حڪومت سان ??اڳاپيل نه آهي، حڪومت ۽ پارليامينٽ جو استحقاق آهي ته اهي ڪهڙي طرح جي پاليسي اختيار ڪن ٿا، پي آءِ اي جي نجڪاري به نجڪاري جي فهرست ۾ موجود آهي. هن چيو ته پي ايس او به خودمختيار ادارو آهي، اهو بن?? پئسي جي ٻارڻ ڪيئن فراهم ڪندو وڏي مشڪل سان ??نڊز جو انتظام ڪري رڪيل اڏامن کي بحال ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته اهو معاملو ايندڙ اجلاس ۾ هوابازي واري نگران ??فاقي وزير ۽ نجڪاري واري نگران ??فاقي وزير جي موجودگي ۾ اٿاريو وڃي ته اهي بهتر جواب ڏئي سگهندا.