دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جمعي ڏينهن دبئي ا??ڪسپو سٽي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي صدر ش??خ محمد بن زيد النهيان ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ا??تونيو گوتريس دبئي ا??ڪسپو سٽي اچڻ تي نگران وزيراعظم جي آجيان ڪندا. نگران وزيراعظم ا?? ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي سيشن ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي نگران وزيراعظم نيدرلينڊ ۽ استونيا جي وزيراعظمن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگران وزيراعظم زيد سسٽين ايبلٽي ا??وا??ڊ جي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر ش??شاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي به ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.