اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنياد تي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن ک?? اجاگر ڪندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنياد تي ايران سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير ان ??ال??ه تي زور ڏنو ته علائقائي ??ال??يت ۽ خودمختياري جي احترام جي ان تعاون ک?? سگهه ڏيڻ گهرجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ??ال??ه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين رخن تي ورڪنگ ليول جي تعاون ۽ ويجهي لاڳاپن ک?? مضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي پنهنجي پنهنجي گادي وارن شهرن ۾ واپسي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.