اسلام آباد – 05 ?? فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي درابن جي پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪ??رروايون امن امان جي ح??الي سان اسان جي عزم کي ختم ڪرڻ ۾ سدائين وانگر ناڪام رهنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ تي پوليس اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي ح??لي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي. نگران وزيراعظم چ??و ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪ??رروايون امن امان جي ح??الي سان اسان جي عزم کي ختم ڪرڻ ۾ سدائين وانگر ناڪام رهنديون، پوري قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.