اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر ??حمد معيزو ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، خاص طور تي واپار ۽ م??حو??ياتي قدمن جي خصوصي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي جمهوريه مالديپ جي صدر ڊاڪٽر ??حمد معيزو ٽيليفون ڪئي. ٽيليفون جو مقصد ابوظهبي ۾ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج (ڪوپ – 28) جي ڌرين جي ڪانفرنس جي 28 هين اجلاس جي موقعي تي 2 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ سندن ملاقات دو??ان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ هو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار ۽ م??حو??ياتي قدمن تي ڌيان ڏيندي گڏيل تعاون کي وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر علائقائي تعاون جي ذريعي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.