اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانو?? جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي پکڙجڻ نه ڏني ويندي، ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي تشدد تي اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پاڪستان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فارمز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ته رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي حافظ طاهر اشرفي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئي?? جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي لامحدود نه آهي پر قانو?? جي تابع آهي، ان تحت عدليه، هٿياربند فوج ۽ ڀائر ملڪ?? جي خلاف توهين آميز ڳالهه ٻولهه جي اجازت نه آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي تشدد تي اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آه?? جيڪا قانو?? جي خلاف سرگرمي آهي، حڪومت اهڙي غيرقانوني سرگرمي?? جي خلاف ق??نون موجب سخت ڪارروائي ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ان ذميواري کان آجا نٿا ٿي وڃن ته انهن جا پليٽ فارمز ڪنهن ملڪ جي اندر امن امان کي خراب ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ ۽ نفرت انگيزي جي لاءِ استعمال ٿين، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر)، يوٽيوب، فيس بڪ کي پروپئگنڊه، ڪوڙ، سرڪاري آفيسر?? جي ڪردارڪشيءَ ۽ هراسان ڪرڻ جي لاءِ مسلسل استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، لاڳاپيل ڪمپنين کي ان عمل کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته اهي پليٽ فارمز پاڪستان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فارمز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ته رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عدليه جي ڪنهن به فيصلي جي خلاف ق??نوني نظرثاني جا ذريعا موجود آهن، ڪنهن کي شڪايت آهي ته ا?? جي لاءِ نظرثاني جي درخواست ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ ملڪي امن کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانو?? جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي ڦهلائڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن ??يرملڪين کي يقين ڏياريون ٿا ته اهي محفوظ آهن ۽ انه?? جي سلامتي کي پاڪستان حڪومت يقيني بڻائيندي.