اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا جي ڪابه قوم تعليم ۽ شعور کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل نٿي ڪري سگهي جيستائين قوم جي ڪروڙين ٻارن جي لاءِ تعليم جو ??ندوبست نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين قائداعظم جي پاڪستان جو ??واب پورو نٿو ٿي سگهي، دانش اسڪولن جو ??ائرو اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪسمير، گلگت بلتستان ۽ ٻين صوبن تائين پڻ ڦهلايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن دانش اسڪول سائيٽ جي معائني جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم واري وفاقي وزير، وائيس چانسلر، استادن، سيڪريٽري تعليم، مختلف تعليمي ??دارن جي سربراهن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ قوم جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۾ جيڪي ڪوششون شروع ڪيون ويون هيون ان جي دائري ۾ توسيع ڪئي پئي وڃي. دانش اسڪول ۾ اڪثر اهي ٻار داخل آهن جيڪي ذهين آهن پر جن جي والدين وٽ تعليم جا وسيلا موجود نه هئا يا جن جا والدين هن دنيا مان هليا و??ا آهن. الله جي فضل ۽ ڪرم سان دانش اسڪول ۾ پڙهندڙ ۽ هتان فارغ ٿيندڙ قوم جا روشن ستارا ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان دانش اسڪول جي شروعات ڪئي ته اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان جو موقف هو ته جيڪڏهن اميرن جي ٻارن جي لاءِ ايچي سن ڪاليج جهڙا ادارا بڻجي سگهن ٿا ته غريب پر ذهين ٻارن جي لاءِ اهڙا اسڪول ڇو نٿا کلي سگهن. اسلام آباد ۾ اهڙيون زمينون موجود هيون جتي اميرن جي ٻارن جي لاءِ اسڪول کلي ويا آهن جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر تعليم رڳو اميرن جي ٻارن جو ??ق نه آهي غريب جي ٻارن کي به جديد تعليمي ??هولتون ملڻ گهرجن. انهي سوچ تحت اسان دانش اسڪولن جو ??ائرو اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان تائين ڦهلائڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته دانش اسڪول اسلام آباد جي لاءِ 10 ايڪڙ زمين فراهم ڪئي پئي وڃي جتي سمورين جديد تعليمي ??هولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته سمورن صوبن جي وڏن وزيرن جي مشاورت سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ اهي اسڪول ٺاهيا و??ندا، اسان جي ڪوشش هوندي ته انهن علائقن جي هر ڊويزن ۾ اهي اسڪول ٿين. گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ دانش اسڪولن جي قيام جي لاءِ سئو سيڪڙو وسيلا و??اق پاران فراهم ڪيا و??ندا ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته ان کان وڏي قومي ??دمت نٿي ٿي سگهي. 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي ڳڻتي جوڳي انگ کي ”مجرماڻي غفلت“ قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو پاڪستان بابت خواب ان جي تعليم جي انتظام ڪرڻ کانسواءِ اڌورو رهندو، ان لاءِ تعليم کي هنگامي ??عبو قرار ڏينداسين ۽ صحيح معنيٰ ۾ قومي ۽ عوامي وسيلا پنهنجي ٻارن تي نڇاور ڪنداسين ڇو ته ڪا به قوم تعليم ۽ شعور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو تهپ نجاب ۾ محمد نواز شريف جي قيادت ۾ 2 لک استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، قوم جي لکين ٻارن ۽ ٻارڙين کي محنت ۽ قابليت جي بنياد تي ڪلاشنڪوف بدران ليپ ٽاپ جا تحفا ڏنا. اڄ الحمدالله ان جي ڪري اهي پنهنجي محنت سان حلال روزي ڪمائي رهيا آهن. انهن ليپس ڪوويڊ 19 جي وبا جي دور ۾ تعليم جي فراهمي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ليپ ٽاپس اسڪيم تي به اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان کي ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته جيڪڏهن اميرن جي ٻارن جي لاءِ جديد تعليمي ??دارا کلي سگهن ٿا ته غريب ۽ يتيم ٻارن جي لاءِ به اهڙيون سهولتون ڪرڻيون پونديون جيستائين قوم جي ڪروڙين ٻارن جي لاءِ تعليم جو ??ندوبست نٿو ڪيو وڃي قائداعظم جي پاڪستان جو ??واب پورو نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇايو ويندو ته جيئن جن ٻارن تي مهانگي تعليمي ??دارن جا دروازا بند آهن انهن جي لاءِ دانش اسڪول جا دروازا کليل هجن. هي اهو خواب آهي جنهن جي لاءِ سمورا قومي وسيلا فراهم ڪيا و??ندا. وزيراعظم چيو ته ان عظيم قومي ??دمت ۽ نيڪ ڪم ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عهديدارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي اسڪولن ۾ دانش اسڪولن جي پي سي ون جي منظوري کانپوءِ انهن اسڪولن جي پي??هه جو پٿر پاڻ رکندس. هن تعليم واري وزارت کي چيو ته اها 6 کان 8 مهينن ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائي. هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ قائم ٿيندڙ دانش اسڪولن جو ??اتي طور تي افتتاح ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.