اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري سان انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي صد?? ڊاڪٽر هذال بن حمود العتيبي ۽ ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صد?? کي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي يونيورسٽي جي مجموعي صورتحال ۽ انت??ام?? معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه بريفنگ ۾ ٻڌايو ت?? يونيورسٽي تحقيق ۽ ترقي، جدت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي فروغ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان (2022ع – 2026ع) تيار ڪيو آهي، اسٽريٽجڪ پلان سان يونيورسٽي جي مالي ۽ انت??ام?? معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب يونيورسٽي جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ اهم معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، سعودي عرب يونيورسٽي ۾ نئين بلاڪ جي تعمير ۽ جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. ان موقعي تي صد?? ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صد?? يونيورسٽي جي بهتري لاءِ پنهنجي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي.