اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ه?? سال اڳ اسان جي قومي عزت ۽ وقار جي ع??ام??ن ۽ پاڪ وطن جي تقدس تي حملو ڪيو ويو، 9 مئي سانحي ۾ ملوث شرپسندن، سهولتڪارن ۽ اتساهيندڙن جي لاءِ ڪا معافي نه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪوڙ جي لباس ۾ حق جي روشني ک?? نٿو لڪائي سگهجي، اڄ کان هڪ سال اڳ نه رڳو اسان جي قومي عزت ۽ وقار جي ع??ام??ن تي حملو ڪيو ويو، اهو حملو پاڪ وطن جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي برابر هو. هن چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪنهن به صورت ۾ قابل برداشٽ نه آهي، ان بابت قطعي طور تي ڪا نرم?? نٿي ٿي سگهي، 9 مئي سانحي ۾ ملوث شرپسندن، سهولتڪارن ۽ اتساهيندڙن جي لاءِ ڪا معافي نه آهي. وزيراعظم چيو ته اچو وچن ڪريون ته 9 مئي سانحي کي ڪهن به نه ورجائينداسين.