اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذر??ائ??جان ک?? ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ميزبان?? حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوپ – 29 جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن ک?? موسمياتي تبديلين ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري آذر??ائ??جان جي ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار با??ائ??ف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي سان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي رهيا آهن، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون گهربل آهي. صدر چيو ته پاڪستان لکين هيڪٽرز تي تمر جا ٻيلا لڳايا آهن، تمر سان پاڪستان ک?? ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان آذر??ائ??جان سان لاڳاپن ک?? خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آذر??ائ??جان سان گڏيل مفادجي شعبن ۾ تعاون ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن ک?? فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذر??ائ??جان جي ماحوليات واري وزير مختار با??ائ??ف پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آذر??ائ??جان جي ماحوليات واري وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صدر کي پهچايو. صدر ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذر??ائ??جان ماحولياتي لحاظ کان اسرندڙ ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.