اسلام آباد-10 جون(اي پي پي) قومي اقت??اد?? سروي جاري مالي سال 24-2023ع (اڄ) اڱاري تي جاري ڪيو ويندو. ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪ سيڪريٽريٽ جي پي پبلڪ آڊيٽوريم ۾ اقت??اد?? سروي جاري ڪرڻ واري تقريب جي صدارت ڪندو. ان موقعي تي رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، اقت??اد?? معاملن وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، حڪومت جي اقت??اد?? ٽيم جا ميمبر، ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ايف بي آر جي چيئرمين سميت ٻين لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز به موجود هوندا. قومي اقت??اد?? سروي ۾ جاري مالي سال دوران اهم سماجي ۽ اقت??اد?? هدف ۽ مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي جا تفصيل شامل هوندا. اقت??اد?? سروي ۾ زراعت، مينيوفيڪچرنگ، صنعت، خدمتن، توانائي، آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪيپيٽل مارڪيٽس، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ـ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ اقت??اد?? رجحانن جو احاطو ڪيو ويندو. ان کان علاوه اقت??اد?? سروي ۾ ناڻي اؤسر، واپار، قرضن جي ادائگي، آبادي، روزگار، ماحولياتي تبديلين ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ حڪومتي قدمن ۽ رجحانن جا تفصيل به شامل هوندا. واضح رهي ته اندروني ۽ـ پرڏيهي چئلينجز باوجود معيشت ۾ استحڪام ۽ جٽادار اؤسر لاءِ حڪومت طرفان ترتيب ڏنل پاليسين ۽ حڪمت عمليءَ س??ن اقت??اد?? اؤسر ۽ سپلاءِ چين ۾ بهتري اچي رهي آهي، مثبت پرائمري بيلنس مان حڪومت طرفان اقت??اد?? استحڪام لاءِ کنيل قدمن مان فائدي جي عڪاسي ٿي رهي آهي، زراعت جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ س??ن مجموعي قومي معيشت ۽ جي ڊي پي تي سٺا اثر پئجي رهيا آهن. وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ بهتري اچي رهي آهي، حڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس محصولن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. صنعتي سرگرمين ۽ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل تيزي اچي رهي آهي، ايندڙ مهينن ۾ اقت??اد?? استحڪام لاءِ قدم وڌيڪ سگهه ماڻيندا. مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي مان ڏيهه آيل ناڻي ۾ سالياني بنيادن تي 3.5 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. ملڪي روانگي واپار ۾ ان مُدي دورا?? 10.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ آمدني واپار ۾ سالياني بنيادن تي 5.3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خسارن ۾ سالياني بنيادن تي 94.8 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتي جو خسارو 0.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 3.9 ملين ڊالر هو. مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ 8.1 سيڪڙو جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي جي ذخيرن ۾ به جاري مالي سال دوران واڌ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. پرڏيهي ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور 5.056 ارب ڊالرن جي نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. 30 جون 23ع تي پرڏيهي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.160 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.445 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 4.715 ارب ڊالر هو. 31 مئي 24ع تي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو مجموعي ڳاڻيٽو 14.216 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.110 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 5.106 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو تقريبن 2 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهي. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو مجموعي طور 4.664 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 391 ملين ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ايف بي آرجي مجموعي محصولن ۾ سالياني بنيادن تي 31 سيڪڙو واڌ ٿي، مئي 24ع ۾ ايف بي آڙ کي 760 ارب رپيا جا محصول موصول ٿيا، جڏهن ته مقرر ڪيل هدف 745 ارب رپيا هئا، مئي ۾ اندروني ٽيڪس 43 سيڪڙو جو متاثر ڪندڙ اضافو ٿيو، نان ٽيڪس روينيو ۾ 94.8 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. پرائمري بيلنس 1615.4 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 503.8 ارب رپيا هو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ زرعي شعبي کي 1.635 ٽريلين رپين جا قرض جا ڪيا ويا، زر وسيع ايم ٽو ۾ 3 مئي تائين 7.1 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جولاءِ کان اپريل تائين جي مُدي ۾ صارفين لاءِ قيمتن جي اهڃاڻن ۾ 26 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 28.2 سيڪڙو هو. اپريل ۾ صارفين لاءِ قيمتن جواهڃاڻ 17.3 سيڪڙو رهيو، جيڪو گذريل سال اپريل ۾ 36.4 سيڪڙو هو. مالي سال جي پهرين 9 مهين ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ 73.1 سيڪڙو کان وڌيڪ جي شرح سان اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. 24 مئي 24ع تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو 36.84 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 3 جولاءِ 23ع تي 23.39 ارب ڊالر هو. مانيٽرنگ پاليسي ۽ مالي استحڪام لاءِ ترتيب ڏنل پاليسين سبب معيشت جٽادار راهه تي گامزن آهي. خريف جي فصلن مان زرعي سرگرمين ۽ پيداوار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، جنهن سان مجموعي اقت??اد?? اؤسر تي هاڪاري اثر پوندا.