اسلام آباد– 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين جي پنهنجي دوري کي انتهائي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد ٿيندو، ويجهي مستقبل ۾ ان جا ثمر عوام تائين پهچندا. اهڙن خي??لن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪابينا ميمبرن کي اجلاس ۾ ڀليڪار چوان ٿو. ??ين جي دوري تان 2 ڏينهن اڳ واپسي ٿي آهي. توهان سڀني جي ڪوششن ۽ محنت سان ??ين جو دورو انتهائي مثبت ۽ ڪامياب رهيو. هن چيو ته ??ين جي دوري ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۾ سي??يورٽي سان لاڳاپيل معاملا ايجنڊا ۾ سرفهرست هئا. هن چيو ته ان دوري جي نتيجي ۾ ??ين جو اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير سميت سمورن ڪابينا ميمبرن جي گڏيل ڪوششن سان اها ڪاميابي ممڪن ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ ??ين سان ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد ٿيندو. ان حوالي سان چيني قيادت سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. ويجهي مستقبل ۾ ان جا ثمر عوام تائين پهچندا.