اسلام آباد – 09 ?? جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار نئين جوڙيل سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ??ميٽي جي پهرين اجل??س ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي ۽ ??ن جي ترجيحن خاص طور تي اسٽريٽجڪ، روايتي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏوگڏ گهڻ رخي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او، ڊي – 8 ۽ ٻين سان اعليٰ سطحي رابطن جي ڏس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏنين. نائب وزيراعظم ڪميٽي جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ۽ انهن کي حاصل ڪيل اهم هدفن سميت اقتصادي ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري کان آگاهه ڪيو.