اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. هٿياربند فوج جي دستي مهما?? صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. پاڪستان جي ٻن ڏي??هن جي دوري تي آيل آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ب??ضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمان کي پاڻ سان گڏ سلامي جي ڇپري ڏا??هن وٺي ويو جتي پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوج جي دستن کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آذربائيجان جي صدر پريڊ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان مهما?? صدر جو تعارف ڪرايو. جڏهن ته آذربائيجان جي صدر ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان پنهنجي وفد جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو.