اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تازين برساتن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي برساتن کان متاثر ماڻهن جي ل??ءِ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر برساتن جي ڪري حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي آهي. هن چيو ته برساتن سان ٿيندڙ حادثن ۽ قيمتي جاني نقصان کان بچڻ جي ل??ءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حادثن کان بچاءُ ۽ پاڻي جي نيڪالي جي ل??ءِ انتظاميا کي وقت سر ق??م کڻڻا پوندا. آصف علي زرداري حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ل??ءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي ل??ءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي.