اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چناب درياءَ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امڪاني ??دي?? ٻوڏ ۽ پنجاب جي شهري علائقن ۾ برساتن سان ٻوڏ واري صورت??ال جي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ٻوڏ ريلن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته 25 آگسٽ تائين سانوڻي جي امڪاني ??دي?? اسپيل جي ڊيش بورڊ تان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ۽ ريليف جا ادارا، سول ڊفينس ۽ ضلعي انتظاميا چناب درياءَ جي ڪيچمنٽ ايريا ۽ برساتن سبب ٻوڏ واري صورت??ال جي خطري ۾ ورتل شهرن ۾ عوام جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار رهن، ڪنهن به هنگامي صورت??ال ۾ ماڻهن جي انخلا ۽ ريسڪيو، پاڻي جي نيڪالي، دوائن، خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي پهچ جي لاءِ مڪمل تياري يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ واري صورت??ال کان امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ شهرين کي صورت??ال بابت مڪمل طور آگاهه رکيو وڃي، واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ٻوڏ ريلن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يقيني بڻايو وڃي ته شهرين کي هر وقت صورت??ال تي نظر رکڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي جي ڊيزاسٽر الرٽ ايپلي ڪيشن بابت آگاهي پهچي.